ڪنڌڪوٽ :پريس ڪلب آڏو ھندو پنچائت جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ضلعي اندر وڌندڙ بدامني ۽ مغوين مکي جڳديش ڪمار، جئي ديپ ڪمار، موتي لال، نندلال، عظيم ميڻڪ، فرحان سومرو، وڪيل مزار خان گولو، واجد گولو سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ سيٺ نندلال، لياقت خان ملڪ، ڊاڪٽر ميھرچند، حافظ نصراللّٰه چنه ، ھریش ڪمار، گھنشام داس گيھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائیندي اڳواڻن چيو ته ضلعي جو امن تباهه ٿي چڪو آھي ھر طرف خوف جو ماحول بڻيل آھي مکي ھندو برادري جو سردار ھوندو آھي جنھن کي اغوا ڪيو ويو پوليس خاموش تماشائي آھي پوليس امن قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي چند ڏوھارين ضلعي جي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز بدامني جي واقعن تي خاموش آھن ھندو برادري لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آھي انھن اعليٰ اختیارن کان مطالبو ڪيو ته سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي ضلعي جي ڏوھارين خلاف فوجي آپريشن ڪيو وڃي ٻئي پاسي سومرا برادري ۽ جسقم پاران بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو