ڪنڌڪوٽ : ڪچو ٻنڍي 2 ٿاڻي جي علائقي ڳوٺ ڀورل جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار ٿان جھيڙو ڀڙڪي اٿيو

ڪنڌڪوٽ : ڪچو ٻنڍي 2 ٿاڻي جي علائقي ڳوٺ ڀورل جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار ٿان جھيڙو ڀڙڪي اٿيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا۔ فائيرنگ جي ڏي وٺ ۾ 25 سالن جو نوجوان نادر جاگيراڻي 40 سالن جي چاچي عالمان سميت مارجي ويو۔ جھيڙي جو ڪارڻ اھو ٻڌايو وڃي ٿو ته قطب جاگيراڻي ۽ ڀورل جاگيراڻي وارين ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار ھلندڙ ھيو ۽ صبح جو گھوٽڪي پوليس ڀورل جاگيراڻي واري ڌر تي چڙھائي ڪئي جنھن ۾ ڏوھارين ۽ پوليس جو مقابلو ٿيو ۽ فائيرنگ ۾ ڀورل جي ڌر جو نوجوان مختيار جاگيراڻي مارجي ويو۔ پوليس جيئن ئي ڪاروائي ڪريو واپس پنھنجي ماڳ تي پھتي ته مقتول نوجوان جي ڌر پلاند ۾ پنھنجن ھٿياربند ساٿين کي گھرائي قطب جاگيراڻي جي گھر تي ڪاھ ڪري انڌا ڌنڌ فائيرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ سندس نوجوان پٽ نادر ۽ ڀاء عالمان جاگيراڻي موقعي تي مارجي ويا۔ فائيرنگ جي ڏي وٺ ۾ حملي آور ڌر جو ھڪ نوجوان وينگس جاگيراڻي صادق جاگيراڻي به سخت زخمي ٿي پيو جيڪو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو۔ جھيڙي دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي پنج ٿي ويو آھي جڏھن تيغو جاگيراڻي شاھ بخش عرف شبلو جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيا ھوڏانھن پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي آھي ۽ ٻنھي ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آھي