ڪراچي: شادي هالز ايسوسيئيشن عيد کان پوءِ سمورا شادي هال بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

شادي هالز ايسوسيئيشن ڪراچي انتظاميه طرفان شادي ڊاهڻ واري عمل تي عيدالاضحيٰ کان پوءِ ڪراچي ۾ شادي هالز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.تفصيل موجب شادي هالز جي مالڪن عيد کان پوءِ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شادي هالز ايسوسيئيشن عيد کان پوءِ ڪراچي جا سمورا شادي هال بند ڪرڻ جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان صدر شادي هال ايسوسيئيشن رانا رئيس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن شادي هال ڊاهڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته عيد کان پوءِ سمورا شادي هال بند ڪيا ويندا. حڪومت طرفان جيڪڏهن هن معاملي تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.رانا رئيس احتجاج جو لائحه عمل ڏيندي چيو ته پهرين مرحلي ۾ سڄي شهر ۾ شادين جي تقريبن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ اهو سلسلو سموري سنڌ تائين پکڙجي ويندو. ۽ سنڌ جا سمورا شادي هالز به بند ڪيا ويندا.هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ڪراچي انتظاميه طرفان قانوني شادي هالز کي به ڊاهڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪاغذ موجود هجڻ جي باوجود شادي هالز ڊاٿا پيا وڃن.صدر شادي هال ايسوسيئيشن وڌيڪ چيو ته انتظاميه جي انهي ڪارروائي خلاف شادي هالز مالڪن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. هن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان به صورتحال جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.