ڪنڌڪوٽ :ضلعي اندر وڌندڙ بدامني ۽ ضلعي مان اغوا ٿيل مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئي ديپ ڪمار، معصوم عظيم ميڻڪ، معصوم فرحان سومرو، پورھيت موتي

ڪنڌڪوٽ :ضلعي اندر وڌندڙ بدامني ۽ ضلعي مان اغوا ٿيل مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئي ديپ ڪمار، معصوم عظيم ميڻڪ، معصوم فرحان سومرو، پورھيت موتي لال، نندلال، وڪيل مزار خان گولو سندس جو معصوم ڀائيٽيو واجد گولو سميت اٽڪل 35 کان وڌيڪ مغوي جيڪي ڏوھارين جي قيد ۾ آهن جن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي معصوم ٻارن سميت مغوين جي بازيابي ۽ ضلعي اندر امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ ڪري ڪنڌڪوٽ ھندو پنچائت ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي سوين شھرين سيٺ نندلال، ڊاڪٽر میھر چند، حاجي حضوربخش مغل، رياض ڏاھاڻي، گھنشام داس گيھاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين پريس ڪلب کان گھنٽا گھر چوڪ تائین احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين امن ڏيو امن ڏيو، تحفظ فراھم ڪيو، مغوين کي بازياب ڪرايو جي نعريبازي پڻ ڪئي وئي انھي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته حالات ايترا خراب ٿي ويا آهن جو اسين ڪاروبار تائين خير سان نه ٿا وڃي سگھون پوليس اڳ ۾ ڇا ڪيو جو ھاڻي ڪندي پوليس پاڻ غير محافظ آهي ايم پي ايز، ايم اين اي به خاموش آهن اھي صرف ووٺ وٺڻ مھل ايندا آهن اسان جي ماڻھن ۾ خوف پيدا ٿي ويو آهي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن رياست جي رٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي جنهن ڪري اسين پاڪ فوج، رينجرس جو ڪچي ۾ آپريشن جو مطالبو ڪيون ٿا اسان کي امن ڏيو تحفظ ڏيو جيڪو اسان جو اسان جي ماڻھن جو بنيادي حق آهي چند ڏوھاري اسان جي ضلعي جي عوام کي پريشان ڪيو آهي امن مڪمل تباهه ٿي ويو آهي شھري ھڪ مھيني کان وڌيڪ عرصي کان مغوين جي بازيابي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رھيا آهن پر چونڊيل نمائندن سميت اختيارن تي ڪو به اثر نه ٿو ٿي عوام کي روڊ رستا نه ڏيو پر عوام کي امن ڏيو جیئڻ جو حق ڏيو عوام سک جو ساھه کڻي سگھي