فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ 7 هزار ارب روپيه گڏ ڪري ورتا آهن.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ٻڌايو ته ايف بي آر 26 جون تائين ٽيڪس جي مد ۾ 7 هزار ارب روپيه گڏ ڪري ورتا آهن. اسحاق ڊار چيو ته 30 جون تائين ٽيڪس وصولين ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي.ٻئي طرف گذريل ڏينهن قومي بچت اسڪيم جي تحت شريعت موجب شيون متعارف ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته پهرين جولاءِ کان 4 اسلامي بچت اسڪيمون متعارف ڪرايون وينديون.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي معاشي نظام کي وياج کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. پهرين جولاءِ کان نيشنل سيونگز جا 4 مئي تي پروڊڪٽس لانج ڪري رهيا آهيون. بجيٽ ۾ چيو هو ته 30 جون تائين نوان پروڊڪٽس لانچ ڪنداسين.حڪومت طرفان ترميمون به ڪيون ويون آهن. پيٽروليم ڊوالپمينٽ ليوي جي حد 50 روپين مان وڌائي 60 روپيه في ليٽر ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ آءِ ايم ايف معاهدي جي هڪ ٻئي شرط پوري ٿي وئي آهي.بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولين جو حدف 9 هزار 200 مان وڌائي 9 هزار 415 ارب روپيه مقرر ڪيو ويو آهي. پينشن ادائيگي 761 ارب مان وڌائي 801 ارب روپيه ڪيو ويو آهي.فنانس بل ۾ وڌيڪ ترميم تحت 215 ارب جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم 459 ارب روپين جي بجاءِ 466 ارب روپيه ڪئي وئي آهي.