ملڪ: ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.انٽر بئنڪ ۾ اڄ هڪ ڊالر 72 پئسا سستو ٿي 286 رپين 99 پئسن تي بند ٿيو، انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 286 رپيا 71 پئسن تي بند ٿيو هو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو لهڻ کانپوءِ 290 رپين جو ٿي ويو آهي.