ملڪ: ۾ اڄ سون جي قميت ۾ سوين رپيا گهٽتائي سامهون آئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1100 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 14 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 943 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 83 هزار 642 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 9 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1922 ڊالر في اونس آهي.