ملڪ: ۾ سبزين جي برآمدن ۾ مئي 2023 دوران 38.7 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل سال مئي جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال مئي ۾ سبزين جي برآمدن ۾ 38.7 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.مئي 2022 ۾ مجموعي طور تي 4.5 ارب رپين جي سبزين جي برآمد رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته مئي 2023 ۾ اها وڌي 6.22 ارب رپيا ٿي وئي.گذريل سال مئي جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ان ئي مهيني سبزين جي برآمدن ۾ 1.72 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.