ڪابينه چين کي گڏهن جي کلن جي برآمد سميت 4 پروٽوڪولز تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينه پاڪ _ چين واپار کي واڌ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ چين سان 4 پروٽوڪولز تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينه گڏهن جون کلون برآمد ڪرڻ لاءِ پروٽوڪول تي صحيحن جي منظوري ڏني، ان کانسواءِ خشڪ مرچن، بيف ۽ ڊيري شين جي پروٽوڪولز تي صحيحن جي منظوري ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 4 مختلف پروٽوڪولز تي صحيحون ڪيون وينديون، پروٽوڪولز جو مقصد چين لاءِ گڏهن جي کلن جي برآمد کي ريگيوليٽ ڪرڻ آهي، خشڪ مرچن، بيف ۽ ڊيري شين جي چين لاءِ برآمد جي ريگيوليٽ ٿيندي.