سعودي عرب سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي

سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ ٻين عرب رياستن ۾ عيدالاضحيٰ اڄ ملهائي پئي وڃي. مسجدالحرام، مڪي شريف، مسجد نبوي، مدينه منوره ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي.ٻئي طرف برطانيه، ڪينڊا ۽ آمريڪا ۾ هن ڀيري به ڪميونيٽي ورهايل آهن. ڪجهه ماڻهو اڄ ۽ ڪجهه سڀاڻي عيد ملهائيندا.پاڪستان ۾ به سڀاڻي عيد ملهائي ويندي. قرباني جا ٻڪرا بڪ ڪرائيندڙن جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن.ٻئي طرف حاجي سڳورا اڄ وڏي شيطان کي پٿريون هڻي رهيا آهن. قرباني ڪرڻ کان پوءِ احرام کوليا ويندا پوءِ طواف ۽ زيارت ڪندا. صفا ۽ مروه وچ ۾ عام لباس ۾ سعي ڪندا. حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه ۾ ادا ڪرڻ کان پوءِ لکين حاجي گذريل رات مزدالفه پهتا هئا.