ڪراچي: ۾ بوهري برادري اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي.ڪراچي جي علائقي صدر ۽ ڀرپاسي ۾ بوهري جماعت جي ماڻهن عيد نماز طاهري مسجد ۾ ادا ڪئي ۽ سنت ابراهيمي جي ادائيگي لاءِ جانورن جي به قرباني ڪئي.عيد نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ۽ طاهري مسجد طرف ايندڙ روڊن کي بند ڪيو ويو.ٻئي طرف اڄ سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ عرب ملڪن سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.