عيدالاضحيٰ تي موسم ڪيئن رهندو؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو.موسميات کاتي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوا سان طوفاني برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ ڏينهن جي وقت موسم گرم ۽ وچولو رهندو. شام ۽ رات ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي جڏهن ته لسبيله، آواران، ڪوهلو، زوب سميت مختلف هنڌن تي کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. دادو، شهيد بينظير آباد، سکر ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪراچي سميت سامونڊي علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.