پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان کي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.خيبرپختونخواهه جي اينٽي ڪرپشن کاتي موجب علي محمد خان خلاف ڪرپشن جو هڪ ٻيو ڪيس داخل ٿيل آهي. علي محمد خان خلاف مختلف ٺيڪن ۾ ڪرپشن جا الزام آهن.ياد رهي ته اڄ ئي پشاور جي اينٽي ڪرپشن عدالت اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان جي ضمانت منظور ڪئي هئي. عدالت علي محمد خان کي 90 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. سندس مٿان غيرقانوني ڀرتين ۽ سرڪاري ناڻي کي 23 لک روپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جوڊيشل ريمانڊ تي مردان جيل ۾ قيد هو.