سموري ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ: سنت ابراهيمي تحت قرباني جو سلسلو جاري

ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري آهي.اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، حيدرآباد ۽ سکر سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا،عيد نماز دوران ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي توڙي امن لاءِ خاص دعائون گهريون ويون،عيد نماز بعد سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري آهي