ٺل: ڳڙهه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن قتل

ڳڙهي حسن ڀرسان آرڊي 52 ٿاڻي جي حد دين ڳڙھ ۾ ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ امام الدين بجاراڻي جي رهائشي جان محمد پٽ پيربخش بنگلاڻي کي ھٿياربند فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.اهڙي اطلاع تي آرڊي 52 پوليس پهچي لاش کي تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪيو، اھڙي واقعي بعد ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول برپا ٿي ويو.هوڏانهن فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو.وارثن موجب اسان جو پيرسن شخص جان محمد بنگلاڻي ڳوٺ کان مائٽن وٽ عيد ملڻ وڃي رھيو ھيو ته ھٿياربندن فائرنگ ڪري ناحق قتل ڪيو آھي، نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.