آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن بابت اڳڪٿين تي ٻڌل خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ اوگرا ترجمان چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن بابت اڳڪٿيون نه ڪيون وڃن، اڃا تائين پيٽروليم شين جي اگهن بابت ڪا سمري وفاقي حڪومت کي ناهي موڪلي.ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي خبرون سامهون آيون هيون ته پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 20 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.ياد رهي ته هن وقت پيٽرول جي في ليٽر قيمت 262 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 253 رپيا آهي.