والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فورسز طرفان رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي.قابض ڀارتي فورسز ڪشميري مسلمانن کي سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۾ عيد جي نماز ادا ڪرڻ نه ڏني.ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض انتظاميا جامع مسجد جي مرڪزي در کي تالو هڻي ڇڏيو، ڀارتي فوج سرينگر ۽ اسلام آباد ضلعي جي عيدگاهه ۾ به نماز ادا نه ڪرڻ ڏني.ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڪشميرين جو احتجاج روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڀارتي فورسز جي وڏي نفري مقرر آهي، جڏهن ته قابض انتظاميا سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي.