جهلم جي علائقي سوهاوا ۾ ڊيم ۾ وهنجندي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ ايڊيشنل سيشن جج مظفر ڳڙهه راجا مبين ۽ سندس پٽ به شامل آهن.پوليس موجب فوتين ۾ ايڊيشنل سيشن جج جو ڀيڻوو ۽ ڀاڻيجو به شامل آهن.پوليس ٻڌايو ته ايڊيشنل سيشن جج راجا مبين عيد جي موڪلن تي اباڻي گهر سوهاوا آيو هو.جهلم پوليس موجب ٻڌندڙن ۾ راجا مبين، عامر، عبدالله ۽ سعدالله شامل آهن.