فيصل آباد :جي علائقي کُرانوالا ۾ گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب مارجي ويلن ۾ 6 ۽ 7 ورهين جون ٻه ڇوڪريون ۽ 12 ورهين جو ڇوڪرو به شامل آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪجهه جي حالت نازڪ آهي.پوليس موجب مقتول نوجوان عيد کان واپس پنهنجي پيارن سان وڃي رهيو هو ته ڪار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي.شروعاتي رپورٽ ۾ واقعو پراڻي دشمني جو نشانو قرار ڏنو ويو آهي.ٻئي پاسي آر پي او فيل آباد ڊاڪٽر عابد خان سي پي او کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.آر پي او ڊاڪٽر عابد خان حڪم ڏنو ته جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.