عيد جي 2 ڏينهن به سنتِ ابراهيمي تحت قرباني

سنڌ :سوڌو سڄي ملڪ ۾ ٻئي ڏينهن به عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.عيد جي ٻئي ڏينهن به سنتِ ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري، گهرن ۾ لذيذ طعام تيار ڪري مٽن مائٽن کي دعوت ڏيڻ جو به سلسلو جاري، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مُک رستن تان گند ڪچرن جا ڍير، ننڍن رستن ۽ گهٽين مان قرباني جي جانورن جا اوجهه نه هٽايا ويا، رهواسين کي ڏکيائيون.