ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ ناهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي چڪو آهي، اسان کي ترقي کان هاڻ ڪير به روڪي نٿو سگهي.گورنر هائوس پنجاب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته گذريل 10 ڏينهن ۾ اسان آءِ ايم ايف کي راضي ڪري ورتو، اسان چاهيون پيا ته آءِ ايم ايف جو پروگرام 9 مهينن کان وڌيڪ نه هجي، وزيراعظم قوم تي 215 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ کان لنوائي رهيو هو.هن چيو ته وزيراعظم آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ گهڻي دلچسپي ورتي، آءِ ايم ايف پروگرام تي صحيحون ٿي چڪيون آهن.سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي اقتصادي طور وڏو نقصان ٿيو، ڪجهه ماڻهو ملڪ اندر ۽ ٻاهر مايوسي پکيڙيندا رهيا، الله جو شڪر آهي ته اسان هر ادائيگي وقت تي ڪئي.اسحاق ڊار چيو منهنجو ايمان آ ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ وارو ۽ سريلنڪا بڻجڻ وارو ملڪ ناهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف نه هجي ها ته اسان وٽ ٻيو پلان به هو، پلان بي ۾ به اسان ڊيفالٽ نه ڪيون ها، جيڪا تباهي ٿي ان کي ريڪور ڪرڻو آهي، روئڻ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، اسان پنهنجا سمورا واعدا پورا ڪنداسين.