مورو ويجهو مسافر بس ۽ ڪار ۾ ٽڪر، چئن عورتن سميت 7 ڄڻا فوت

مورو ويجهو ڪار ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.پوليس موجب لاهور کان ڪراچي ويندڙ بس ۽ ڪار ۾ ٽڪر جو واقعو مورو ويجهو پيش آيو. حادثي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.پوليس اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙن کي مورو ۽ نوابشاهه اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف مقامي ذريعن موجب مختيارڪار ڪشمور اعجاز ٻرڙو جي گهر ڀاتين سان حادثو پيش آيو آهي حادثي ۾ 4 عورتن، هڪ ٻارڙي سميت ڪار سوار سمورا 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.پوليس موجب حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته بس ۾ سوار 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.فوت ٿي ويلن ۾ ڪشمور واسي سميع الله، سندس زال فائزه، پٽ فيضان ۽ سالي دعا به شامل آهن.