ٽانڪ ۽ اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 6 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۽ اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي 6 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب 29 ۽ 30 جون جي رات ٽانڪ جي علائقي منزئي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. سيڪيورٽي فورسز 3 دهشتگردن کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ آيو آهي.هوڏانهن اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي رهواسين آپريشن جي تعريف ڪئي. انهن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تعاون جو به يقين ڏياريو.