وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته مدو پورو ٿيڻ تي حڪومت ڇڏي ڏينداسين.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف واضح پيغام ۾ چيو ته چونڊن جو اعلان ۽ ان کي منعقد ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي اهو ڪم اليڪشن ڪميشن کي آئين موجب ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته چونڊن ۾ جيڪڏهن الله سائين ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏنو ته اسان جو انهن سان تعاون جاري رهندو.وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو رات وچ ۾ مهانگائي گهٽ نه ڪندو. مهانگائي کان انڪار ڪرڻ پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڳالهه آهي.شهباز شريف چيو ته سينيٽ چيئرمين پاڻ چيو آهي ته مراعات ۾ واڌ جو بل واپس وٺنداسين. آءِ ايم ايف پروگرام گيهه يا مٺائي نه آهي معيشت کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ آهي.