پاڪستان چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل نه ٿيڻ وڏي کان وڏي ناڪامي آهي.گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير منير اڪرم جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيل سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ تي بيان ڏيندي چيو آهي ته سالياني رپورٽ 2022 پيش ڪرڻ هڪ اهم ذميواري آهي. جيڪا چارٽر جي آرٽيڪل 15 ۽ 24 ۾ بيان ڪئي وئي آهي. بدقسمتي سان ان رپورٽ کي پيش ڪرڻ صرف هڪ رسم بڻجي وئي آهي.