نوازشريف جون دبئي ۾ اهم سياسي ملاقاتون جاري، پ پ قيادت سان هڪ ٻئي ملاقات ٿيندي

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جون دبئي ۾ اهم سياسي ملاقاتون جاري آهن. ذريعن موجب نوازشريف ايندڙ هفتي پيپلز پارٽي جي قيادت سان هڪ ٻئي اهم ملاقات ڪندو.ذريعن موجب نوازشريف سان استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻن جا به رابطا ٿيا آهن. استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻن کان پنجاب جي سياست تي ڳالهيون ٿيون آهن.نوازشريف اڄ شيخ زيد روڊ جي هوٽل ۾ (ن) ليگ امارات جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو. ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم جون اڃان به اهم ملاقاتون شيڊول آهن ۽ هو دبئي ۾ وڌيڪ هفتو قيام ڪندو. ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معاشي نظام جي بهتري لاءِ صلاح مشورا ٿي رهيا آهن.