خيرات نه حق گهري رهيا آهيون: بلوچستان جي وڏي وزير اين ايف سي ايوارڊ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو فوري طور تي نئون قومي مالياتي ڪميشن(اين ايف سي) ايوارڊ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ عبدالقدوس بزنجو چيو ته وفاق بلوچستان سان ڪيل واعدا وفا نه ڪرڻ جي روايت کي برقرار رکيو. 30 جون تائين نه پي پي ايل جا واجبات مليا نه اين ايف سي جو پورو شيئر ملي سگهيو.عبدالقدوس بزنجو چيو ته وفاقي حڪومت کان خيرات نه پنهنجو حق گهري رهيا آهيون. ڀت سان نه لڳايو وڃي نه وري سخت رد عمل ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي.اين ايف سي ايوارڊ جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته اين ايف سي ايوارڊ 1973 جي آئين جي شق 160 جي موجب پاڪستان جو صدر مختلف قسمن جي ٽيڪسز ۽ محصولات مان گڏ ٿيندڙ آمدني جي ورهاست لاءِ هر پنجن سالن کان پوءِ هڪ ڪميشن جوڙيندو آهي ان ڪميشن کي قومي مالياتي ڪميشن يا نيشنل فنانس ڪميشن(اين ايف سي) چيو ويندو آهي.پاڪستان جي صدر طرفان جوڙيل ڪميشن اها ڳالهه طئي ڪندي ته وفاقي حڪومت قومي آمدني مان حاصل ڪيل آمدني جو ڪيترو حصو پاڻ وٽ رکندي ۽ ڪيترو حصو صوبن ۾ ورهائيندي.