12 جولاءِ کان حڪومت جي اونڌي ڳڻپ شروع ٿيڻ واري آهي: شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته 12 جولاءِ کان حڪومت جي اونڌي ڳڻپ شروع ٿيڻ واري آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مفتاح ۽ ڊار جا آءِ ايم ايف فيصلن ۾ مائٽي کان علاوه ٻيو ڪهڙو فرق آهي، ڊار پهريان اکيون ڏيکاريون پوءِ پيرن تي ڪري 10 مهينا وڃائي ڇڏيا، جنهن کان پوءِ 9 مهينا وڌڪ نڪ رگڙي سموريون شرطون مڃي اسٽينڊ باءِ معاهدو ڪيو.هن چيو ته 12 جولاءِ کان بجلي سميت مهانگائي جي نئي لهر اچڻ واري آهي ۽ حڪومت جي اونڌي ڳڻپ شروع ٿيڻ واري آهي. موجوده حڪومت نگران حڪومت ۽ ايندڙ حڪومت. ٽنهي حڪومتن کي 9 مهينن تائين آءِ ايم ايف جون سخت شرطون پوريون ڪرڻيون آهن. 6 مهينن ۾ 11 بلين ڊالر واپس ڪرڻا آهن.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته دوست ملڪن جي ڊيپازٽ ۽ يقين ڏيارڻ جي به جلد خبر پئجي ويندي. آءِ ايم ايف معاهدي ۾ غلطي جي گنجائش نه آهي. هاڻ يا ڪڏهن به نه جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. مڊل ڪلاس ختم ٿي ويو. موجوده حڪومت ايترا فضول خرچ ڪيا آهن جيڪي هاڻ سندس ڳچي ۾ پئجي ويا آهن.شيخ رشيد چيو ته پ پ جي پرڏيهي وزير 50 کان وڌيڪ پرڏيهي ملڪن جي دورن کان علاوه اتي سير سياحت به ڪئي پر آءِ ايم ايف جي معاهدي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. نوازشريف جو اچڻ يا نه اچڻ صحت تي ٻڌل نه آهي اهو سڀ ڪجهه سياست ۽ ڪيس جي فيصلي سان جڙيل آهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته 13 پارٽين جو سياسي ڏيوالپڻو ۽ قوم جي معاشي تباهي ٿي وئي آهي. 10 مهينا ضايع ڪيا ويا، آخري ڏينهن معاهدو ڪيو ويو. اڃان اڳيان ڏسو ته 12 آگسٽ تي ڇا ٿو ٿئي. هاڻ صرف روس طرفان سستو تيل اماڻڻ جي دير آهي. ڊيزل 7.50 روپيه مهانگو ٿي ويو.