چوڌري شجاعت حسين جي پرويز الاهي سان جيل ۾ ٻئي ملاقات

مسلم ليگ(ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين ڪيمپ جيل لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي سان ڪجهه ڏينهن دوران ٻئي ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب چوڌري شجاعت حسين ڪيمپ جيل لاهور ۾ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي. چوڌري سالڪ ۽ چوڌري وجاهت حسين به چوڌري شجاعت سان گڏ ملاقات ۾ موجود هئا.چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات کان اڳ پرويز الاهي جي چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ به ڪيمپ جيل آيو جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن پرويز الاهي جو طبي معائنو ڪيو.ذريعن موجب چوڌري شجاعت حسين جي چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات هڪ اعليٰ شخصيت جي موجودگي ۾ ٿي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن موجب ملاقات ۾ چوڌري شجاعت حسين هڪ دفعو ٻيهر چوڌري پرويز الاهي کي چيو ته هو پي ٽي آءِ کي ڇڏي ٻيهر پنهنجي پراڻي پارٽي ۾ شامل ٿئي. پر چوڌري پرويز الاهي چيو ته مان ان باري ۾ ڪوبه حتمي فيصلو نٿو ڪري سگهان.ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي چيو ته جيڪي تڪليفون مون کي برداشت ڪرڻيون هيون اهي ڪري ورتيون آهن. هاڻ چوڌري مونس الاهي منهنجي سياست جي حوالي سان جيڪو به فيصلو ڪندو اهو مون کي قبول هوندو.