ڪنڌڪوٽ :غوثپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ الاهي بخش بجاراڻي ۾ علائقي جي سينيئر صحافي شيرزمان بجاراڻي جي گهر مٿان نامعلوم هٿياربندن جو حملو۔ ڏوھارين جو جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي۔ جڏهن ته فائرنگ سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آھن۔ اھڙي واقعي جي اطلاع بعد ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي ۽ ڳوٺ جي چڱي مڙس فيض علي بجاراڻي سان ملي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا۔ ذريعن وٽان مليل معلومات موجب تيغاڻي ۽ سبزوئي گينگ جي ڏوھارين پاران ڀتو نه ڏيڻ تان ڳوٺ جي ماڻھن مٿان خوف ۽ حراس پکڙجڻ لا۽ اھو عمل ڪيو ويو آھي۔ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سامھون ڪچو ويجھو ھجڻ سبب ڏوھارين جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي۔ ٻئي پاسي علائقي جي صحافي برادري به سراپا احتجاج بڻيل آھي ڪنڌڪوٽ مان بقا محمد بنگوار پير بخش بنگوار عبدالخالق چاچڙ فخر بلوچ ۔ شھر جي سينيئر صحافين نارائڻ ناز۔ عبدالسميع بجاراڻي۔ برڪت ڀيو۔ معيم باجڪاڻي ۽ ٻين گڏيل بيان ۾ ايس ايس پي ڪشمور کان واقعي جو نوٽس وٺڻ جي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته صحافي ۽ انجي خاندان کي تحفظ ڏيئي ڏوھارين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي۔