وفاقي سرڪار فيٽف ۽ آءِ ايم ايف کي ادارن خلاف خط لکندڙن لاءِ ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو

ملڪي ادارن خلاف فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(فيٽف) کي خط لکڻ تي وفاقي حڪومت ڏوهاري ماڻهن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي نجي ٽي وي موجب ڏوهارين ماڻهن فيٽف، عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ۽ ورلڊ بينڪ کي ملڪي ادارن خاص طور تي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان(ڊريپ) خلاف خط لکيا هئا. جنهن ۾ پاڪستان تي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.ذريعن موجب ڪجهه فارماسسٽس طرفان عالمي مالياتي ادارن کي خط ۽ اي ميل اماڻيون ويون هيون جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته پاڪستاني ادارا مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ادارن کي اهڙي قسم جا خط لکڻ ملڪ سان غداري جي برابر آهي هي اهي ماڻهو آهن جن تي پاڪستان ۾ جعلي دوائون ۽ بليڪ ميلنگ جا ڪيس آهن.ذريعن موجب صحت کاتي جي اختيارين ڪارروائي جي لاءِ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس ايجنسين سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اهڙن ماڻهن خلاف غداري جا ڪيس داخل ڪري سگهجن.