غير قانوني تعميرات: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي کي طلب ڪري ورتو

سنڌ :هاءِ ڪورٽ ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ غيرقانوني تعميرات بابت ڊي جي ايس بي سي اي کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ غيرقانوني تعميرات بابت لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايس بي سي اي ڇو غيرقانوني تعميرات روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي؟ ڇو نه غيرقانوني تعميرات جو ذميوار ڊي جي ايس بي سي اي کي ڏنو وڃي.لکت واري حڪم نامي موجب عدالت چيو آهي ته غيرقانوني تعميرات ختم نه ڪئي وئي ته حڪم عدولي جو ذميوار ڊي جي ايس بي سي اي هوندو.ايس بي سي اي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني تعميرات نه روڪڻ جي ذميوارن کي ڳولڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.عدالت حڪم ڏنو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جيڪڏهن ذميوار نه ڳوليا ويا ته سموري ڪميٽي جا ميمبر عدالت ۾ پاڻ پيش ٿين. عدالت ڊي جي پاران اماڻيل رپورٽ کي به غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ اهو ٻڌايو ئي نه ويو آهي ته غيرقانوني تعميرات ڪيستائين مسمار ڪئي ويندي. هنن جا گيس، بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن ڇو ناهن ختم ڪيا ويا. ايس بي اي کي مخصوص ٿاڻي جي باوجود ٻئي فورس جي ڇو ضرورت آهي؟ اهي سموريون وضاحتون رپورٽ جو حصو هجڻ گهرجن. ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ غيرقانوني تعميرات ڊاهي پٽ ڪئي وڃي.عدالت ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي 17 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.