ڪوئٽه: سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ، ميجر سميت 2 اهلڪار شهيد

بلوچستان :جي علائقي هوشاب ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميجر سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد بارودي سرنگ لڳائڻ کان علاوه سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي فائرنگ جي واقعن ۾ ملوث هئا. 2 جولاءِ تي دهشتگردن جي هڪ گروپ جي چرپر جي حوالي سان گڏيل انٽيلجنس جي آڌار تي جنرل ايريا بلور ۾ سيڪيورٽي فورسز گشت شروع ڪيو.دهشتگردن جي فرار ٿيڻ جي رستن کي بند ڪرڻ لاءِ ناڪابندي جو عمل جاري هو. ان دوران دهشتگردن جي هڪ گروهه گشت دوران حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪئي. سخت فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ قوم جا 2 بهادر پٽ ميجر ثاقب حسين ۽ نائيڪ باقر علي شهادت ماڻي جڏهن ته فائرنگ سبب ٻيو سپاهي زخمي ٿي پيو.سيڪيورٽي فورسز قوم سان ملي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي روڪڻ جي اهڙين ڪوششن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. علائقي ۾ حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري آهي. حملي دوران شهيد ٿيندڙ ميجر ثاقب حسين جي عمر 31 سال هئي هو سنڌ جي سانگهڙ ضلعي جو رهواسي هو. جڏهن ته نائيڪ باقر علي جنهن جي عمر 26 سال هئي اهو دادو جو رهواسي هو.ميجر ثاقب ۽ ان جي ٽيم آخري ساهه تائين حملو ڪندڙ دهشتگردن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ همت نه هاري. ايتري دير ۾ ميجر ثاقب حسين ۽ نائيڪ باقر علي کي گوليون لڳيون جنهن سبب هو ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. ميجر ثاقب حسين سوڳوارن ۾ والدين ۽ بيوه ڇڏي جڏهن ته نائيڪ باقر علي سوڳوارن ۾ 3 سالن جي ڌيءَ ۽ بيوه ڇڏي.پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته اسان جي سمورن شهيدن خاص طور تي ميجر ثاقب حسين ۽ نائيڪ باقر علي جون ملڪ خاطر ڏنل قربانيون رائيگان نه وينديون. دهشتگردي خلاف جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي.