پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جاپان سان سرمائيڪاري، واپار، سياحت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا.جاپان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٽوڪيو ۾ جاپاني هم منصب يوشيما ساحياشي سان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نجي شعبو ٻطرفي لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. جاپان سان لاڳاپن کي هٿي چاهيون ٿا. ٻوڏ متاثرين جي مدد تي جاپان حڪومت جا ٿورائتا آهيون.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي دوري دوران ميزباني تي پرڏيهي وزير يوشيما ساحياتي جو دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪريان ٿو. هي منهنجو جاپان ۽ خوبصورت شهر ٽوڪيو جو پهريون دورو آهي. پاڪستان ۽ جاپان پراڻا دوست آهن، پاڪستاني عوام جاپاني عوام لاءِ گرمجوشي ۽ محبت جا گهرا جذبات رکي ٿو. اسان ضروت وقت هميشه هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهيون.پرڏيهي وزير چيو ته گذريل سال اسان لاڳيتو اعليٰ سطحي بدلين ذريعي لاڳاپن ۾ نئين توانائي ۽ ولولو ڏٺو آهي. مون کي آسيان علاقائي فورم جي 29هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي 4 آگسٽ 2022 تي ڪمبوڊيا ۾ جاپاني هم منصب يوشيما ساحياتي سان ملڻ جو اعزاز به حاصل ٿيو. اڄ اسان ملاقات سان پنهنجي ڳالهين کي اڳيان وڌايو آهي. جاپاني پرڏيهي وزير سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪيون آهن ته ڪهڙي طرح ٻئي ملڪ اسان جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪري سگهن ٿا. اسان واپار، سرمائيڪاري، انساني وسيلن جي ترقي ۽ بدلين، آءِ ٽي، سياحت ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ گڏيل فائديمند ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو بنائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جاپان جي دوري دوران نجي شعبي، مقامي ميڊيا سان گڏوگڏ ٿنڪ ٽينڪس سان به ڳالهيون ڪندس. ٻنهي ملڪن کي مثبت ڳالهين ذريعي اڳيان وڌائڻ ۽ تعاون لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي ضرورت آهي. جاپان جي دوري دوران نجي شعبي جي ماڻهن سان ملاقات ڪندس.پرڏيهي وزير مهمان نوازي تي جاپاني هن منصب جو ٿورو ادا ڪيو ۽ کيس پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو 4 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي ان جي جاپاني وزيراعظم سان به ملاقات شيڊول آهي.