ڪنڌڪوٽ : لڳ ڪچي جي دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو آھي۔ جاگيراڻي برادري جي مبينه ھٿياربندن تڏي تي تعزيت لا۽ ڳوٺ ۾ آيل ڪارڙا چاچڙ ڌر جي ٻن چڱن مڙسن لقمان ۽ موريو عرف ميرمحمد چاچڙ کي دوکي سان قتل ڪري فائيرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔ ذريعن ٻڌايو ته اڄ کان 9 مھينا اڳ ڳوٺ مينگل چاچڙ ۾ جاگيراڻي برادري جا ٻھ نوجوان توڏل ۽ حاڪم جاگيراڻي اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مارجي ويا ھئا جن جي قتل جو الزام سندن وارثن چاچڙ برادري مٿان ھنيو ھيو واقعي کان اڳ جيڪا ٻنھي ڌرين جي جھيڙي ۾ ٺاپر آيل ھئي سا ختم ٿي ويئي ۽ ڌريون ھڪ ڀيرو وري ھڪ ٻئي جون دشمن بڻجي ويون۔ اڄ شام جو پنج ڏينھن اڳ گھوٽڪي جي ڪچو ٻنڍي پوليس جي مقابلي دوران مارجي ويل ڏوھاري مختيار جاگيراڻي جي عذر خواھي لا۽ سندس ڳوٺ عزيز جاگيراڻي ۾ ويل ڳوٺ مينگل چاچڙ جي رھواسي ٻن ڄڻن لقمان ۽ موريو چاچڙ کي گوليون ھڻي ان 9 مھينا پراڻي واقعي جو پلئه ڪيو ويو۔ ذريعن ٻڌايو ته جاگيراڻي گينگ جي ھٿياربندن ٻنھي کي قتل ڪرڻ بعد سندن لاش به کڻائي ويا آھن۔ ٻئي پاسي واقعي بعد ڌريون مورچه بند ٿي ويون آھن ۽ پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي آھي۔