ڪنڌڪوٽ: چاچڙ ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا قتل

ڪنڌڪوٽ پوليس ٿاڻي دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ چاچڙ ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ھلندڙ خوني تڪرار سبب جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن گوليون ھڻي لقمان چاچڙ ۽ مير محمد چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي واقعي تي ڪچي جي علائقي ۾ خوف وحراس پکڙجي ويو آهي.جڏهن ته اهڙي واقعي جي اطلاع جي باوجود حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي.هوڏانهن چاچڙ برادري جا ماڻھو به ھٿيار کڻي واقعي واري ھنڌ پھچي ويا آهن، وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي.ٻئي پاسي فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.