توشه خانه ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد :هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست رد ڪرڻ جو ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو. ٽرائل ڪورٽ توشه خانه ڪيس نه ٻڌڻ جڳو قرار ڏيندي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ معاملو واپس ٽرائل ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي ۽ ٽرائل ڪورٽ کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل جي دليلن تي ٻيهر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت فيصلو ٻڌايو آهي ته ٽرائل ڪورٽ 7 ڏينهن ۾ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو ڪري.ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ عمران خان جي درخواست رد ڪئي وئي هئي. درخواست ۾ چيو ويو هو ته سيشن ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ جيڪو فوجداري ڪارروائي جو ڪيس هلائي رهي آهي اهو ڪيس ٻڌڻ جوڳو نه آهي. ٽيڪنيڪي بنيادن تي اهي اعتراض اٿاريا ويا هئا ته اليڪشن ڪميشن اها شڪايت داخل ڪرائي آهي جڏهن ته مجاز اٿارٽي نه. جيڪڏهن مجاز اٿارٽي شڪايت داخل ڪرائي ته پوءِ ئي سيشن ڪورٽ کي ٽرائل ڪورٽ جو اختيار آهي.