نوازشريف تي قتل جا سنگين الزام لڳائيندڙ تسنيم حيدر کي لنڊن پوليس جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف تي قتل جا سنگين الزام لڳائيندڙ تسنيم حيدر کي لنڊن پوليس جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.پوليس طرفان جاچ جي لاءِ طلب ڪيل تسنيم حيدر نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته لنڊن پوليس کيس طلب ڪيو آهي.ڪائونٽر ٽيررازم پوليس جا آفيسر هلندڙ مهيني تسنيم شاهه کان جاچ ڪندا پوليس ان کان اڳ به تسنيم حيدر کان جاچ ڪري چڪي آهي.ياد رهي ته تسنيم حيدر صحافي ارشد شريف جي قتل جو الزام نوازشريف، مريم نواز ۽ ناصر بٽ تي لڳايو هو.ان حوالي سان ناصر بٽ چيو آهي ته ارشد شريف جي والده ٻڌائي چڪي آهي ته ان جي پٽ جي قتل جي حوالي سان کيس ڪنهن تي شڪ آهي ارشد شريف جي والده سپريم ڪورٽ ۾ چئي چڪي آهي ته عمران خان ۽ مراد سعيد کي طلب ڪيو وڃي.