ڪنڌڪوٽ :ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ايس ايڇ او ڪرمپور احمد نواز مغل۔ ايس ايڇ او غوثپور رڪي ڏاھاڻي۔

ڪنڌڪوٽ :ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ايس ايڇ او ڪرمپور احمد نواز مغل۔ ايس ايڇ او غوثپور رڪي ڏاھاڻي۔ ايس پي ڪشمور جي اسپيشل فورس جو انچارج شوڪت شاھاڻي۔ ايس ايڇ اوجمال ۽ ٻين جو اي پي سي چئنن ۽ بڪتر بند گاڏين سان ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ حاجي غوث بخش سبزوئي ۾ تيغاڻي گينگ جي روپوش ڏوھارين خلاف سرچ آپريشن ۽ چڙھائي ڪئي ته ڏوھارين پوليس کي ڏسندي جديد ھٿيارن سان پوليس مٿان فائيرنگ شروع ڪري ڏني۔ اھي به اطلاع مليا آھن ته ڏوھارين پوليس جي گاڏين مٿان راڪيٽ لانچر به فائير ڪيا پر في الحال ڪنھن به جاني نقصان جا اطلاع ناھن مليا ٻئي پاسي پوليس جي جوابي فائيرنگ به جاري آھي۔ جنھن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو۔ ماڻھو خوف سبب گھرن ۾ لڪي ويا۔ پوليس ذريعن ٻڌايو ته تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي تي حملو ڪري بجاراڻي برادري جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جنھن سبب اھا ڪاروائي عمل ۾ آئي آھي۔ آخري اطلاع موجب فائيرنگ جاري آھي