عون چوڌري پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل عون چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.عمران خان جي اڳوڻي پرسنل سيڪريٽري عون چوڌري پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي آهي.استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري ذاتي حيثيت پٽيشن داخل ڪئي آهي. پٽيشن ۾ رياست ۽ ملڪي ادارن خلاف سرگرمين تي پي ٽي آءِ تي پابندي جي استدعا ڪئي وئي آهي.