ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي معصوم ٻارن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

ضلعي ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي معصوم ٻارن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا.
ٿرپارڪر جي صحت کاتي موجب مٺي جي سول اسپتال ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا. صحت کاتي موجب سول اسپتال مٺي ۾ هڪ ڏينهن دوران 5 فوتگيون رپورٽ ٿيون. فوت ٿي ويل ٻارن جون عمرون هڪ سال کان به گهٽ هيون.
صحت کاتي موجب هلندڙ مهيني فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ 33 جڏهن ته هلندڙ سال فوت ٿيلن جو انگ وڌي 454 ٿي ويو آهي.
4 جولاءِ تي به سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا 7 ٻار فوت ٿي ويا هئا.