ايل پي جي جي آمد

ايل پي جي جي آمد، 2 ھزار ٽن گيس

ڪراچي: پورٽ قاسم تي مائع پيٽروليم گيس (ايل پي جي جي آمد جاري آھي، جتي تازو ئي ايل پي جي کڻي ايندڙ ٽيون جھاز بھ لنگر انداز ٿيو آھي.ذريعن موجب، ايل پي جي کڻي ايندڙ جھاز ييلو اسٽون بحرين مان 4 ھزار ميٽرڪ ٽن گيس کڻي پورٽ قاسم پھتو آھي، جڏھن تھ 100 کان وڌيڪ باؤزرن ذريعي گيس جي فراھمي پڻ جاري آھي.گيس جي آمد ۾ واڌ سان مقامي مارڪيٽ ۾ فراھمي بھتر ٿيڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام اچڻ جي اميد ظاھر ڪئي پئي وڃي.حڪومتي ذريعن موجب، ايل پي جي جي وڌندڙ فراھمي سان مقامي صنعتن ۽ گھريلو صارفين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.