نائڪ سيف علي جنجوعھ شھيد جي 78ھين ورسي جي موقعي تي پاڪستان جي ھٿياربند فوج پاران کيس خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي سندس بھادري، فرض شناسي ۽ وطن جي دفاع لاءِ ڏنل قربانين کي ياد ڪيو ويو.نائڪ سيف علي جنجوعھ پاڪستان جي تاريخ ۾ پنھنجي جرئت ۽ بھادريءَ سبب خاص اھميت رکي ٿو. ھن وطن جي حفاظت دوران غير معمولي ھمت جو مظاھرو ڪيو، جنھن کي اڄ بھ عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو.