شاداب خان جي شاندار ڪارڪردگي

شاداب خان جي شاندار سنچري، پاڪستان انگلينڊ کان ميچ کٽي ورتي

اسلام آباد:
شاداب خان جي شاندار ڪارڪردگي ۽ يادگار سنچريءَ جي بدولت پاڪستان انگلينڊ خلاف اھم فتح ماڻي ورتي آھي. ٽھ ملڪي سيريز جي ھن ميچ ۾ شاداب خان جي ذميوار ۽ جارحاڻي اننگز پانسو پلٽي ڇڏيو، جنھن جي نتيجي ۾ پاڪستاني ٽيم انگلينڊ جي چنبن مان فتح کسي ورتي.
ميچ دوران شاداب خان شاندار بيٽنگ جو مظاھرو ڪندي ففٽي کان پوءِ سنچري مڪمل ڪئي، جڏھن تھ ٻئي پاسي کان سعد بيگ بھ بھترين راند پيش ڪندي صرف 22 بالن تي 7 چوڪن جي مدد سان 32 رنسون ٺاھيون. سلمان علي آغا 26 رنسن جو حصو وڌو، جڏھن تھ حسن نواز بھ 15 اھم رنسون جوڙي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو.
انگلينڊ خلاف ان حيرت انگيز ڪاميابيءَ سان شاداب خان نھ رڳو پنھنجي شاندار بيٽنگ فارم ثابت ڪئي، پر گڏوگڏ دٻاءُ واري صورتحال مان ميچ ڪڍي پنھنجي صلاحيتن جو لوھھ بھ مڃرايو. آل رائونڊر جي اھڙي پرفارمنس تي کيس ميچ جو ھيرو قرار ڏنو ويو، جيڪا ايندڙ ميچن ۾ قومي ٽيم لاءِ وڏي حوصلي جو سبب بڻجندي.