اي ٽي سي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

دهشتگردي جي انت واري عدالت(اي ٽي سي) پي ٽي آءِ چيئرمين کي سڀاڻي ٻيهر طلب ڪري ورتو. اسد عمر، عامر محمود ڪياني، جمشيد محبوب ۽ منير احمد کي به سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين جوابدارن کي 5 ڪيسن ۾ طلب ڪيو ويو. جوابدارن خلاف گولڙه ، سنگنجاني ۽ سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن.اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي اڳوڻي جج راجه جواد عباس حسن پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت ڪنفرم ڪئي هئي. اسلام آباد پوليس طرفان چالان جمع ڪرائڻ تي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن ۾ علي نواز اعواڻ کي به طلب ڪيو ويو آهي.