پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت کي 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير نويد قمر پارليامينٽ هائوس ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان حڪومت کي 8 آگسٽ تي سموريون اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي ڪرڻو آهي.وفاقي وزير چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن کان اڳ چونڊ اصلاحات چاهي ٿي. چونڊ اصلاحات ۾ آر ٽي ايس سسٽم جهڙا معاملا اهم آهن. هن چيو ته چونڊ اصلاحات تي سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي.نويد قمر چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن کان اڳ چونڊ اصلاحات چاهي ٿي. چونڊ اصلاحات ۾ آر ٽي ايس سسٽم جهڙا معاملا اهم آهن. هن چيو ته چونڊ اصلاحات تي سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي.نويد قمر چيو ته موجوده سيٽ اپ ۾ وڌيڪ واڌ جي حمايت نٿا ڪريون ۽ نگران سيٽ اپ ڪنهن به صورت ۾ آئيني مدي کان اڳيان نه وڃڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته موجوده اسيمبلي ۾ واڌ تي قانونسازي واري اصولي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين.