پاڪستان جي معيشت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي، مخالفن جون سموريون سازشون ناڪام ٿي ويون: نوازشريف

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي، مخالفن جيڪي ملڪ خلاف پروپيگنڊائون ۽ سازشون ڪيون اهي سموريون ناڪام ٿي ويون آهن.اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سعودي عرب ۾ ليگي عهديدارن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.ان دوران نوازشريف چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ تيزي سان سڌارو اچي رهيو آهي، انشاءَالله پاڪستان ٻيهر ترقي ڪندو جنهن سان عوام به خوشحال ٿيندي. مخالفن جيڪي پاڪستان خلاف سازشون ڪيون اهي سموريون ناڪام ٿي ويون آهن.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي.