لاهور: هاءِ ڪورٽ 9 مئي واقعن جي حوالي سان خديجه شاهه سميت ٻين جون گرفتاريون غيرقانوني قرار ڏيڻ واريون درخواستون رد ڪيون ويون آهن.جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس امجد رفيق تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ درخواستن تي 26 صفحن تي لکيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 8 مئي جي واقعن جي حوالي سان خديجه شاهه، هما سعيد، رضوان ضيا ۽ زبير ملڪ جي گرفتاري خلاف درخواستون رد ڪيون ويون.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذارن خلاف ڪيس داخل ٿي چڪو آهي. قانون پنهنجو رستو ٺاهي رهيو آهي. اهڙي مرحلي تي درخواستگذارن جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار نٿو ڏئي سگهجي. قانوني طريقي کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهجي. پوليس ان حوالي سان تڪڙو ڪيس داخل ڪيو ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.عدالت فيصلي ۾ چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ جيڪو به ملوث هو ان جي قانون موجب سڃاڻپ ڪئي وئي. 9 مئي جي واقعن سول عدالتي نظام کي به چيلينج ڪيو. اهڙي واقعي کان اڳ عوام جناح هائوس ۾ اهڙي قسم جي ڀڃ ڊاهه نه ڏٺي هئي. ماڻهن جي ڪاوڙ سول ۽ فوجي قيادت تي هئي پر جيڪو 9 مئي تي ٿيو اهو وضاحت جوڳو نه آهي.