شرطن تي عمل نه ڪيو ويو ته آئنده ان کان وڌيڪ سخت شرط لاڳو ڪيو ويندا: آءِ ايم ايف جي وارننگ

ناڻي واري وزارت ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) وچ ۾ قرض ڏيڻ جو پلان طئي ٿي ويو. آءِ ايم ايف شرط مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايندڙ معاهدي جي لاءِ به خبردار ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب هلندڙ مالي سال پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2340 ارب روپين تي روڪيو ويندو. گردشي قرض گهٽ ڪرڻ جي لاءِ 400 ارب کان به وڌيڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اها رقم قسطن ۾ جاري ڪئي ويندي.ناڻي واري وزارت چيو آهي ته گڏيل طور تي هلندڙ مالي سال گردشي قرضن ۾ 122 ارب روپين جو اضافو ٿيندو پر ايندڙ مالي سال گردشي قرض ۾ ڪنهن به قسم جي واڌ نه ڪرڻ جو پلان آءِ ايم ايف کي ڏنو ويو آهي.ذريعن موجب گردشي قرض ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ريڪوريز بهتر ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت جو گردشي قرض روڪڻ جو پلان منظور ڪري ورتو آهي پر ان سان گڏوگڏ آءِ ايم ايف خبردار به ڪيو آهي ته گردشي قرض تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اها معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿيندي ۽ شرطن تي عمل نه ڪيو ويو ته آئنده معاهدي جي لاءِ ان کان به وڌيڪ سخت شرط لاڳو ڪيا ويندا.ياد رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 9 مهينن لاءِ 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن جي تحت آءِ ايم ايف جو ايگزيڪٽو بورڊ پاڪستان جي لاءِ 1.1 ارب ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندو.