ٺڪراٺو : لڳ ڳوٺ جانب مهر واسي نوجوان سان مقصودو رند واسڻ خيرپور جي عدالت ۾ پيار پرڻو ڪيو

ٺڪراٺو : لڳ ڳوٺ جانب مهر واسي نوجوان سان مقصودو رند واسڻ خيرپور جي عدالت ۾ پيار پرڻو ڪيو هو جنهن تي ناري جا مائٽ سندن جاني دشمن بڻجي ويا جوڙي کي مارڻ جو ڌمڪيون پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاء ٺڪراٺو پريس ڪلب پهتو ، اسانکي ناري جي  مائٽن مان جان جو خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي جوڙي پاران انساني حقن جي تنظيمن ۽ سکر پوليس جي اعلا آفيسرن کي تحفظ جي اپيل ٺڪراٺو (رپورٽ) ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ جانب مھر واسي نوجوان ڪمال الدين مھر مقصودو رند واسڻ ناري مورزادي لاشاري سان خيرپور جي عدالت ۾ پسند پرڻو ڪيو هو جنھن کانپو۽ جوڙي کي ناري جي مائٽن پاران موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي تحفظ لاء ٺڪراٺو پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو مقصودو رند واسڻ ناري مورزادي لاشاري ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ جانب مھر واسي نوجوان ڪمال الدين مھر سان مون پنهنجي رضا خوشي سان شريعت محمدي ۽ پاڪستان جي قانون مطابق خيرپور جي عدالت ۾ پسند پرڻو ڪيو هو جنهنکان پوء منهنجا مائٽ پسند پرڻي ڪرڻ تان  محمداسحاق ، عبدالرزاق ، عبدالستار، شمن علي لاشاري  ۽ ٻيا  اسان ٻنهي کي ڪارو قرار ڏئي اسان جي  زندگين جا ويري بڻجي پيا آهن هو ڌمڪائي رهيا آهن ته اسان اوهان کي جان کان ماري ڇڏيندا سين جنهنڪري اسان ٻئي زال مڙس دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون اسين تمام انساني حقن جي تنظيمن ، سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ، سنڌ سرڪار وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ ، ادي فريال ٽالپر ، بلاول زرداري آصفه زرداري ، آء جي سنڌ DIG ۽SSP سکر کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري اسانجون حياتيون بچايون وڃن